آمريڪي رياست نيو يارڪ جي پوليس فٽ پاٿ تي هلندڙ شهرين کي چيڀاٽي ماريندڙ شڪي ڊرائيور جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن

Us-Shooting-Fire-Case-11117

آمريڪي رياست نيو يارڪ جي پوليس فٽ پاٿ تي هلندڙ شهرين کي چيڀاٽي ماريندڙ شڪي ڊرائيور جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

جوابدار کي پوليس واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ واري ڪوشش دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سيفلو سائپوف 2010 ۾ آمريڪا آيو هو، جنهن بعد هو لڳاتار هتي رهي پيو.

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گاڏيءَ مان دهشتگرد تنظيم داعش جو هڪ پيغام به مليو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته جوابدار جو دهشتگرد تنظيم سان رابطو هو يا هو ان کان متاثر هو.

فٽ پاٿ تي پنڌ ويندڙن مٿان گاڏي چاڙهڻ واري واقعي ۾ 8 شهري فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*