ٺري ميرواهه ويجهو هنڊياري ۾ ڇتي ڪتي اسڪول ويندڙ 6 شاگردن کي ڏاڙهي وڌو آهي

thari mirwah

ٺري ميرواهه ويجهو هنڊياري ۾ ڇتي ڪتي اسڪول ويندڙ  6 شاگردن کي ڏاڙهي وڌو آهي.

هنڊياري ۾ ڇتي ڪتي 6 اسڪولي شاگردن سهيل، طارق، رضوانه، سائمه دستي ۽ ڀورو چني کي ڏاڙهي وڌو، جنهن بعد زخمي شاگردن کي اسپتال آندو ويو.

جڏهن ته تعلقي جي سمورن پي پي ايڇ آءِ ۽ بي ايڇ يو سينٽرن تي ڇتي ڪتي جي وئڪسين نه ملي سگهي، جنهن بعد ٻارڙن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيا ويا.

ٻئي طرف ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن جي ڪري ٻارڙن کي اسڪول نٿا موڪلي سگهون.

هنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن کي ماري خوف کان آجو ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*