سنڌ انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر زينت جهان جي ڪراچي کان سکر بدلي خلاف داخل پيٽشن تي عدالت زينت جهان جي بدلي روڪڻ تي اسٽي برقرار رکي ڇڏيو

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر زينت جهان جي ڪراچي کان سکر بدلي خلاف داخل پيٽشن تي عدالت زينت جهان جي بدلي روڪڻ تي اسٽي برقرار رکي ڇڏيو.

سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر زينت جهان جي بدلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار  چيو آهي ته سڌ سماءَ واري واري کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ خلاف شڪايت ڪرڻ تي سکر بدلي ڪيو ويو آهي.

زينت جهان موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي.

زينت جهان چيو ته سندس شڪايت تي سپريم ڪورٽ به کاتي ۾  ڪرپشن جو نوٽيس به ورتو هو، نيب به ان شڪايت تي شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.

درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ سڌ سماءَ واري کاتي کي هدايت ڪئي هئي ته بنا اجازت بدلي نه ڪيو وڃي.

زينب جهان موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود ڪراچي کان سکر بدلي ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن کي ڪالقعدم قرار ڏنو وڃي.

درخواستگذار استدعا ڪندي چيو ته سڌسماءَ واري کاتي جي انتقامي ڪارروائي کي روڪيو وڃي،

عدالت درخواستگذارجي بدلي روڪڻ تي اسٽي برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*