صوبي ۾ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا ڪري فصل پوکيا ويا آهن، ضياءَ لنجار

Khi-SA-Zia-Lanjar-Talk-11117

سنڌ جي قانون  بابت صوبائي وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته صوبي ۾ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا ڪري فصل پوکيا ويا آهن،

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيڻ دوران هن ايوان کي آگاهي ڏني ته صوبي ۾ ٻيلي کاتي جي 64 هزار ايڪڙ زمين موجود آهي،

جن مان مختلف علائقن ۾2 هزار ايڪڙ قبضي هيٺ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڳڙهي ياسين، عادلپور، ميرپورماٿيلي ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ اتان جي مقامي آبادگارن ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا ڪري فصل پوکي ڇڏيا آهن،

هن چيو ته اسان ڪجهه ايراضي تان قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، باقي قبضي هيٺ آيل زمين به آجي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيلي کاتي جي زمين ڪنهن کي تحفي طور نه ٿي ڏئي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*