سامارو ۾ وارثن پاران مبينا طور قتل ڪيل ناريءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Samaroo-Women-Protest-11117

سامارو ۾ وارثن پاران مبينا طور  قتل ڪيل ناريءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سعودي عرب ۾ 15 ڏينهن اڳ مبينا طور ساڙي قتل ڪيل ناريءَ زيب النساءَ خاصخيلي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن هاجران، روبينه ۽ مهرين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي وارثن چيو ته زيب النساءَ کي ڊاڪٽرياڻي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچي  جو چئي هتان وٺي وئي، جتان دوکي سان ناري کي سعودي عرب وٺي ويا، جتي بيدردي سان قتل ڪري لاش کي ساڙي ڇڏيو.

هنن چيو ته ميرپورخاص ۾  ڊاڪٽرياڻي جي  مائٽن  وٽ وياسين ته  ڊاڪٽرياڻي جي گهر وارن اسان تي تمام گهڻو  تشدد ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

هنن  اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته لاش ڏيھه آڻي، قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*