پارلياماني جماعتن عام چونڊن کان اڳ نيون تڪبنديون ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي جون سيٽون 272 برقرار رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

Ayaz-Sadiq-27117

پارلياماني جماعتن عام چونڊن کان اڳ نيون تڪبنديون ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي جون سيٽون 272 برقرار رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ وڌائي ويندي ۽ پنجاب جون قومي اسيملي جون 9 سيٽون گهٽجي وينديون.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني جماعتن جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، قانون وارو وزير زاهد حام، محمود اچڪزئي، آفتاب شيرپائو ۽ اڪرم دراني سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن پارلياماني جماعتن جي اڳواڻن کي نين تڪ بندين بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ ڪي پي جون 5، بلوچستان جون 3 ۽ اسلام آباد جي هڪ سيٽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب جون 9 سيٽون گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سنڌ ۽ فاٽا جون قومي اسيمبلي جون سيٽون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته تڪبندين بابت سڀني جو فيصلو گڏيل آهي، آئيني بل جلد اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*