اسلام آباد هائيڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

pm isb high court

اسلام آباد هائيڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾  جسٽس محنس اختر ڪياني تي ٻڌل هڪ رڪني بينچ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ خرم نواز ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل مخدوم نياز محمد دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف عدليا جي ڳٺجوڙ  جي ڳالهه ڪئي هئي.

وڪيل چيو ته آئين عدالتي حڪمن جي توهين جي اجازت نه ٿو ڏئي، نوازشريف عدالتن خلاف ڳالهايو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ماڻهو گڏ ڪري عدالتن بابت ڳالهائڻ ڏوهه آهي، مجرماڻي خاموشي تي عدالت پيمرا ۽ کي به حڪم جاري ڪري.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا نوازشريف توهين عدالت ڪئي؟ هائيڪورٽ وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو حق نه آهي، رڳو سپريم ڪورٽ ئي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.

وڪيل مخدوم نياز انقلابي چيو ته سيڪشن 11 تحت ڪو به شخص درخواست ڏئي سگهي ٿو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ رڪني بينچ جا دليل ٻڌڻي بعد درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*