قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حڪومت کان نين تڪبندين واري معاملي تي سينيٽ کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حڪومت کان نين تڪبندين واري معاملي تي سينيٽ کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته آدمشماري تي خدشا برقرار آهن، نين تڪبندين جو به ڪنهن کي فائدو يا نقصان نه ٿيندو.

اسلام آباد ۾ پارلياماني جماعتن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نين تڪبندين سناڪو به فائدو يا نقصان نه ٿيندو.

هن چيو ته نين تڪبندين بابت آئيني ۾ ترميم ڪرڻ تي حڪومت کي سينٽ کي به اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته نيون تڪ بنديون اهم قدم آهي، جنهن سبب سمورين جماعتن اتفاق ڪيو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته اسان کي آدمشماري تي خدشا برقرار آهن، اهو هڪ الڳ معاملو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ايندڙ عام چونڊون به نين تڪ بندين تحت ئي ٿينديون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*