لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي سي بي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پـِي سـِي بـِي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ورلڊ ڪپ مان شڪست مان ظاهر ٿي ويو آهي،  ٽيم جي سليڪشن ميرٽ جي بنياد تي ناهي ڪئي وئي.

لاهور جي هڪ شهري پاران هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين شهريار خان، معين خان ۽ نجم سيٺي کي ڌر بڻايو ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ورلڊ ڪپ جي اهم ميچز ۾ شڪست مان ظاهر ٿي ويو آهي ته ٽيم جي سليڪشن ميرٽ نه پر سياسي بنيادن تي ڪئي ويندي آهي.

درخواستگذار موجب، ٽيم جي سليڪشن چيئرمين شهريار خان ۽ نجم سيٺي جي مشاورت سان ٿيندي آهي پر نجم سيٺي عدالت کي خاطري ڪرائي هئي ته هو بورڊ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو.

درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته پي سي بي چيئرمين کي هٽائي شڪست جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*