اڳوڻي ايم پي اي نبن خان لنڊ چيو آهي ته سندس پٽ سرفراز، محمود ۽ اميد علي سندس جان جا دشمن بڻجي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

NABAN KHUD

اڳوڻي ايم پي اي نبن خان لنڊ  چيو آهي ته سندس پٽ سرفراز، محمود ۽ اميد علي سندس جان جا دشمن بڻجي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

اڳوڻي ايم پي اي نبن خان لنڊ دادو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رات دير سان سندس ڊرائيور شوڪت ملاح کي اغوا ڪرڻ بعد  مال جي واڙي مان ملازمن کي ڀڄائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پٽن مان جان جو خطرو آهي، پٽن سندس  زمين تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا سان رابطو پڻ ڪيو آهي.

ان موقعي اڳوڻي ايم پي اي جي ڀاءَ احمد خان چيو ته اميد نه هئي ته ڇوڪرا ايترا نافرمان ٿيندا، اهي گهر جا معاملا آهن، گهر  ۾حل ٿين ته بهتر ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*