سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي جي ڪنارن تي قائم غيرقانوني اڏاوتن خلاف انتظاميه ٻيهر آپريشن ڪري 30 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن

SUKKUR

سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي جي ڪنارن تي قائم غيرقانوني اڏاوتن خلاف انتظاميه ٻيهر آپريشن ڪري 30 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته آپريشن دوران متاثرن ۽ ملازمن ۾ چڪريون ٿيون، جنهن کان پوءِ پوليس لٺبازي ڪري متاثرن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، متاثرن سٽي پوائنٽ وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

انتظاميه ڳري مشين ذريعي آپريشن ڪري ٽنهي ڪئنالن جي ڪنارن تان 30 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

آپريشن دوران متاثرن ۽ اينٽي انڪروچمينٽ ملازمن ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن کان پوءِ پوليس لٺبازي ڪري متاثرن کي ڇروڇڙ ڪري ڇڏيو.

متاثرن آپريشن خلاف سٽي پوائنٽ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر محمد عثمان چاچڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت رائيس ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي ڪنارن تان غيرقانوني حددخليون هٽائي رهيا آهيون.

هن چيو ته ماڻهن کي پاڻمرادو گهر ڊاهڻ لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو هو، پر انهن اڏاوتون ختم نه ڪيون، تنهن ڪري ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن کي آباد ڪرڻ لاءِ روهڙي ڀرسان ڪنڊي فارم وٽ 200 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي آهي، جتي متاثرن کي آباد ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*