پاڪ سرزمين پارٽي جي آرگنائيزر سيد ڪاظم علي شاهه چيو آهي ته اسان جو پيغام امن جو پيغام آهي ۽ اسان وطن پرستي واري سياست ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ماڻهو هاڻي لٽريرن کان مڪتي چاهن ٿا

nawabshah psp

پاڪ سرزمين پارٽي جي آرگنائيزر سيد ڪاظم علي شاهه چيو آهي ته اسان جو پيغام امن جو پيغام آهي ۽ اسان وطن پرستي واري سياست ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ماڻهو هاڻي لٽريرن کان مڪتي چاهن ٿا.

پاڪ سرزمين پارٽي جي ڊويزن شهيد بينظير آباد جي آرگنائيزر سيد ڪاظم علي شاھ نوابشاھ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ايس پي چئرمين مصطفيٰ ڪمال نوابشاھ جو دورو ڪيو جيڪو ڪامياب ويو ۽ ڪيترين ئي پارٽين جي عهديدارن ۽ ورڪرن مصطفي ڪمال آڏو پي ايس پي ۾ شموليت اختيار ڪئي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪئي عهديدارن ۽ ڪارڪن ايم ڪيو ايم کي ڇڏي پي ايس پي ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد اسان جي نئين چونڊيل عهديدارن جو تعارف ڪرائڻ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اجلاس 28 تاريخ تي سينيئر وائس چيئرمين وسيم آفتاب سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سليم تاجگ، نيشنل ڪائونسل جي ميمبر مريد بروهي ۽ پي ايس پي جي جوائنٽ انچارج مبارڪ شاھ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ اشفاق احمد انصاري، صدر محمد رفيق، سينيئر نائب صدر شنير ڪيريو . سينيئر نائب صدر نديم شيخ، نائب صدر رائو سليم، نائب صدر جاويد قبال آرائين، جنرل سيڪريٽري رضا محمد سيال  جوائنٽ سيڪريٽري گل محمد شيخ، فنانس سيڪريٽري سرفراز خان، انفارميشن سيڪريٽري ذاڪر قريشي، آفيس سيڪريٽري نبيل ڀنگوار ۽ ٻيا ميمبر چونڊيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*