سينيٽ جي اجلاس ۾ پوسٽل سروسز واري وزارت گذريل سال ٿيل نقصان بابت لکت ۾ آگاهي ڏئي ڇڏي

senate-13-11

سينيٽ جي اجلاس ۾ پوسٽل سروسز واري وزارت گذريل سال ٿيل نقصان بابت لکت ۾ آگاهي ڏئي ڇڏي. ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدر چيو آهي ته ٻڌايو وڃي، آخر گڏهن جون کلون ايڪسپورٽ ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي، شيخ آفتاب چيو ته گڏهن جون کلو ايڪسپورٽ ٿيڻ تي ڳڻتي آهي.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران گڏهن جي کلن تي به بحث ڪيو ويو.

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري پوسٽل سروسز واري وزير جي غيرحاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي پوسٽل سروسز واري وزارت لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو  ته گذريل سال پوسٽ واري وزارت کي 74 ملين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

اجلاس کي آگاهي ڏيندي وزارت چيو ته هلندڙ سال 93 ملين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

اجلاس ۾ گڏهن جي کلن تي به بحث ٿيو، جنهن تي ميمبرن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

شيخ آفتاب چيو ته گڏهن جون ايڪسپورٽ ٿيڻ تي کيس تمام گهڻي ڳڻي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*