بيلجيئم ڪاٽالوني اڳواڻ کي بي دخل ڪري ڇڏيو

baljiyum leader

بيلجيئم ڪاٽالوني اڳواڻ کي بي دخل ڪري ڇڏيو.

ڪاٽالان علائقائي حڪومت جي اسپين کان آزاديءَ جي اعلان کانپوءِ اسپين جي اٽارني جنرل پاران بغاوت جا الزام لڳائڻ کانپوءِ بي دخل ڪيل ڪاٽالاني اڳواڻ ڪارلس پائگڊيمونٽ پنهنجي ڪجهه ساٿين اڳوڻن وزيرن سميت برسلز فرار ٿي ويو.

افواهه آهن ته پائگڊيمونٽ بيلجئم ۾ سياسي پناهه جي دعويٰ ڪرڻ آيو هيو، جڏنهن ته بيلجيئم جي لڏپلاڻ جي وزير چيو ته هو اهڙي دعويٰ کي ڀليڪار ڪندو ، پائگڊيمونٽ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هو بيلجيئم ۾ سياسي پناهه وٺڻ ناهي آيو، هن چيو ته  “آئون آزاديءَ ۽ سلامتيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ هتي آهيان.”

پائگڊيمونٽ وڌيڪ چيو ته اسان انصاف کان ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيا آهيون، اسين انصاف جي سامهون پنهنجي ذميواري نظرانداز نه ڪنداسين پر اسان ان هڙتال ۽ اسپيني حڪومت هٿان گنڀير سياسي ناانصافيءَ کي منهن ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*