قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته تحريڪ انصاف قانون کي برقرار رکڻ جي حق ۾ آهي، 1999ع وارو نيب جو قانون تمام گهڻو سخت آهي

zahid hamid

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته تحريڪ انصاف قانون کي برقرار رکڻ جي حق ۾ آهي، 1999ع وارو نيب جو قانون تمام گهڻو سخت آهي، نئون احتساب وارو قانون ججز ۽ جرنلن تي لاڳو نه ٿيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد حامد چيو ته جماعت اسلامي احتساب ڪميشن کي رد ڪري چڪي آهي.

هن چيو ته اسان سڀني جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا.

قانون واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف احتساب قانون کي برقرار رکڻ جي حق ۾ آهي.

هن چيو ته نئين احتساب قانون جي دائري ۾ عدالت ۽ هٿياربند فوج کي نه آندو ويندو.

زاهد حامد چيو ته 1999ع وارو نيب جو قانون انتهائي سخت آهي، نئون احتساب قانون جنرلن ۽ عدليا تي لاڳو نه هوندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*