آِ ءِ سي سي وومن ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جي هڪ اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد قومي وومن ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي

Pak-WCricket-vs-Nz-WMCric-11117

آِ ءِ سي سي وومن ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جي هڪ اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد قومي وومن ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

شارجه ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ ڪيوي وومن ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 50 اوورس ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 240رنز اسڪور ڪيون.

نيوزيلينڊ پاران ڊيوائن 103رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪوررهيو.

قومي وومن ٽيم پاران ثناءِ مير3،سعديه يوسف ۽جويريا خان ٻه-ٻه، جڏهن ته ناشراسڌو ۽بسميه ماروف هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي وومن ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 241رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون  ڪوششون ڪيون.

قومي وومن ٽيم 48 ڏهائي 3 اوورس ۾ صرف 232رنز اسڪور ڪري سگهي.

پاڪستان پاران جويريا خان 55،ناهيده خان 51،بسميه معروف 41۽سدره امين 33رنز جي اننگ کيڏي.

نيوزيليند جي ٽيم پاران هيڊيسٽن، ڪاسپريڪس۽ڪيرِ ٻه-ٻه وڪِيٽون حاصل ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*