نوابشاهه ۾ ايل بي او ڊي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ گذريل 17 ڏينهن کان بک هڙتال جاري

 nawabshah lbod

    نوابشاهه ۾ ايل بي او ڊي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ گذريل 17 ڏينهن کان بک هڙتال جاري، ڪير به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو.

ايل بي ايو ڊي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال جاري، 17 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن به چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا طرفان رابطو نه ڪرڻ تان 5 پورهيتن عنايت زرداري، محبوب جاگيراڻي، غلام محمد جمالي، رجب شر، ۽ يونس بروهي ڪفن پائي  پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ان موقعي تي پورهيتن چيو ته اسان پنهنجي جائز حقن لاءِ گذريل 17 ڏينهن کان وٺي پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهيون پر چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي جي سڪيريٽري تي ڪو به اثر نٿو پوي،  انهي جي ڪري اسان مايو س ٿي پاڻ کي باهه ڏني ،  ميڊيا جي اپيل تي پاڻ ساڙڻ جي اعلان کي ملتوي ڪيو آهي.

 آخر ۾ هنن چتاءَ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا 2 ڏينهن ۾ منظور نه ٿيا ته اسان وري پاڻ کي ساڙيندا سين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*