اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنس ۾ اسحاق ڊار جي حاضري کا ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن

Ishaq-Dar-21117

اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنس ۾ اسحاق ڊار جي حاضري کا ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن،

احتساب عدالت ۾  جج محمد بشير ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار پيش نه ٿيو ۽ وڪيل خواجا حارث جي جاءِ تي سندس جونيئر وڪيل عائشه حامد عدالت ۾ پيش ٿي.

نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم ۽ ڪيس جا چار شهد عدالت ۾ پيش ٿيا،

وڪيل عائشه حامد عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار ۽ خواجا حارث لنڊن ۾ موجود آهن، جنهن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿا ٿي سگهن.

اسحاق ڊار جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۽  سندس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ پيش ڪيا.

ناڻي واري وزير جي ضامن عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار لنڊن ۾ علاج ڪرائي رهيو آهي، جنهن تي عدالت کيس هدايت ڪئي ته هو اهو بيان لکت ۾ جمع ڪرائي.

نيب پراسيڪيوٽر اسحاق ڊار جي درخواست ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ رد ڪرڻ جي استدعا  ڪندي چيو ته اسحاق ڊار خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

احتساب عدالت اسحاق ڊار جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا واري نيب جي استدعا کي رد ڪندي سندس ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا.

عدالت اسحاق ڊار جي حاضري کان ڇوٽ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪرڻ ڪيو.

عدالت فيصلو ٻڌائيندي اسحاق ڊار خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳي گرفتاري وارنٽ  واري استدعا رد ڪري ڇڏي.

عدالت اسحاق ڊار جي حاضري کان ڇوٽ واري درخوات به رد ڪندي ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ وارو فيصلو برقرار رکيو.

اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انجيو پلاسٽي ٿي آهي يا اوپن هارٽ سرجري، اهو ٽيسٽ کانپوءِ خبر پوندي آهي،

وڪيل چيو ته ٽيسٽ رپورٽ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته هو ڪڏهن واپس اچي رهيو آهي.

عدالت اسحاق ڊار جي ضمانت کان ڇوٽ واري درخواست کي رد ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*