اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ن ليگ اڳواڻن سان مشاورت بعد سڀاڻي قافلي جي صورت ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

Nawaz-Sharif-Punjab-House-Meeting-21117

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ن ليگ اڳواڻن سان مشاورت بعد سڀاڻي قافلي جي صورت ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب هائوس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو،

اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا آصف، قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، پرويز رشيد، جعفر اقبال، طلال چوڌري ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي نوازشريف ن ليگ اڳوڻن ۽ قانوني ماهرن سان ريفرنسز بابت مشاورت ڪئي.

مشاورت کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هو ڪنهن سان به ٽڪراءَ جو رستو اختيار ڪرڻ نه ٿا چاهين.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عوام 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ن ليگ تي اعتماد جو اظهار ڪندو، ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارن مان ناهيون.

نوازشريف چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي صحت بهتر ناهي، ان جي ڪيموٿراپي ٿيڻ واري آهي.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو سندس استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي پهتا، هو انهن سڀني جو ٿورائتوآهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته اصولن تي اسان ڪا به سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪنداسين…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*