نيو يارڪ ۾ پيرين پنڌ ماڻهن مٿان ٽرڪ چاڙهڻ واري واقعي جي گرفتار جوابدار کي آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

Us-Accident-Case-21117

نيو يارڪ ۾ پيرين پنڌ ماڻهن مٿان ٽرڪ چاڙهڻ واري واقعي جي گرفتار جوابدار کي آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪري ورتو  آهي.

آمريڪي عدالت ۾ پيرين پنڌ ماڻهن مٿان ٽرڪ چاڙهيندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سندس بيان قلمبند ڪيو ويو.

ايف  بي آءِ جو چوڻ آهي ته جوابدار وڌيڪ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جي نيت سان هيلو وين فيسٽيول جي چونڊ ڪئي.

ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث  ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*