هڪ نااهل شخص کي سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي, تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان

Imran-Khan-Tweet-21117

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته هڪ نااهل شخص کي سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي.

پنهنجي ٽوئٽ پيغام عمران خان چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪهڙي ريت ڪيسن کي منهن ڏيندڙ نوازشريف کي پنجاب هائوس ۾ ترسائڻ جي منظوري ڏئي سگهي ٿو؟

هن چيو ته وزيراعظم نااهل شخص کي ايئرپورٽ کان پنجاب هائوس تائين سرڪاري پروٽوڪول ڏنو، جنهن تي افسوس ٿيو  آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته عوامي ٽيڪس جي خرچ تي اهڙي شخص کي پروٽوڪول ڏنو ويو، جنهن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

عمران خان چيو ته ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم ڪيئن نوازشريف کي سرڪاري پروٽوڪول ڏئي سگهي ٿو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*