سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀتو وٺڻ جي الزام هيٺ جوابدار کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌايل سزا رد ڪندي کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀتو وٺڻ جي الزام هيٺ جوابدار کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌايل سزا رد ڪندي کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار شاهد عرف جگا جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدار کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌايل سزا کي رد ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس موقف اختيار ڪيو ته جوابدار شاهد عرف جگا نيو ڪراچي صنعتي ايريا مان واپاريءَ کان ڀَتو گهريو هيو.

واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت گڏيل طور تي جوابدار  شاهد کي 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدار خلاف پيش ڪيل ثبوت اڻپورا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*