سنڌ هاءِ ڪورٽ عمري تي وڃڻ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم خلاف درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

Sindh-High-Court-14317

سنڌ هاءِ ڪورٽ عمري تي وڃڻ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم خلاف درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عمري تي وڃڻ دوران بائيوميٽرڪ سسٽم جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سمورا شناختي ڪارڊ بائيوميٽرڪ ٿي چڪا آهن، عمري تي ويندڙن جي بائيوميٽرڪ ڪرائڻ تي لکين شهرين کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

درخواستگذار چيو ته شناختي ڪارڊ جي تصديق کانپوءِ وڌيڪ ڪنهن به بائيوميٽرڪ جي ضرورت ناهي، هزارين شهرين کي صِفن ۾ بيهاري تذليل ڪئي پئي وڃي.

درخواستگذار درخواست ڪئي ته حڪومت ۽ نجي ڪمپنين کي فوري طور تي بائيوميٽرڪ سسٽم جو عمل روڪڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

عدالت وفاقي حڪومت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 نومبر تائين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*