پ پ ۽ متحده وچ ۾ مڪاني نظام واري ترميمي بل تي اتفاق نه ٿيڻ سبب سنڌ اسيمبلي ۾ بل تي بحث ٽيون ڀيرو ملتوي

 پ پ ۽ متحده وچ ۾ مڪاني نظام واري ترميمي بل تي اتفاق نه ٿيڻ سبب سنڌ اسيمبلي ۾ بل تي بحث ٽيون ڀيرو  ملتوي ڪيو ويو، اسيمبلي ميمبرز مسافر گاڏين ۾ سي اين جي سلينڊر جي استعمال تي پابندي جو مطالبو ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽر ناڪاره سلينڊر استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب قيمتي حياتيون ضايع ٿين ٿيون.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير سڪندر منڌري مڪاني نظام بابت ترميمي  بل پيش ڪيو،جنهن تي متحده جي ميمبرن اعتراِض واريا.

ٻنهي پارٽين جي ڪجهه اڳواڻن ايوان کان ٻاهر بل تي مشاورت تي اتفاق ڪيو پر ان ۾ معاملو حل نه ٿيڻ تي بل تي بحث سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو.

اجلاس دوران فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته مسافر گاڏين ۾ سليندر لڳائڻ تي پابندي وارو ٺهراءُ منظور ٿيڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ اهڙيون گاڏيون هلندڙ ڦرندڙ بم آهن.

ٽرانسپورٽ واري وزير ممتاز جکراڻي چيو ته ٿاڻي بولا خان ويجهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

صوبائي وزير هزار خان بجاراڻي چيو ته ٽرانسپورٽرز گاڏين ۾ جڳاڙي سيلنڊر لڳائن ٿا، ان ڪري مسافر گاڏين ۾ سيلندر جي استعمال تي پابندي لڳائي وڃي.

اجلاس دوران صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر اعتراف ڪندي چيو ته صوبي ۾ هيپاٽائٽس تي ضابطي واريون دوائون موجود ناهن ۽ هيپاٽائيٽس ۾ ڏيهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته رڳو سٺي ساک رکندڙ ڪمپنين کان دوائن جي خريداري جو فيصلو ڪيو پر مقامي ڪمپنيون عدالت ۾ ويون، جنهن سبب هيپاٽائٽس جي  دوائن جي خريداري وارو معاملو اٽڪيل آهي.

اجلاس دوران فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته ملير ندي جي پيٽ ۾ رهائش لاءِ زمين ڏني پئي وڃي، جنهن سان ندي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ ايندي، جنهن جي جواب ۾ سڪندر منڌري چيو ته سموري ندي کي بند نه پيو ڪيو وڃي ۽ ماهرن جي رپورٽ تحت 200 ايڪڙ زمين استعمال ڪري سگهجي ٿي.

متحده جي پونجو مل ڀيل چيو ته مٺي ويجهو ناري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، جنهن جي انڪوائري لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن تي ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سڀ کان اڳ وارثن کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ گهرجي.

اجلاس جي شروعات ۾ فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو  ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ چونڊيل نمائندا رڳو سونا تاج پائڻ ۾ مصروف آهن.

تعليم واري وزير نثار کهڙي مختلف ميمبرن پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته بجلي بلن  جي معاملي تي سنڌ کي برو ڀلو چيو وڃي ٿو، گيس سنڌ مان نڪري ٿي ۽ استعمال ٻين صوبن ۾ ٿئي ٿي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*