ڀان سيد آباد ويجهو چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 شاگردن سميت 8 ڄڻازخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

Accident-Road-27217

ڀان سيد آباد ويجهو چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 شاگردن سميت 8 ڄڻازخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مين روڊ تي گرڊ اسٽيشن وٽ تيز رفتار چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي پيو، جنهن ۾6 شاگردن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ڀان سيد آباد جي اسپتال پهچايو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد شاگردن کي فارغ ڪيو ويو، جڏهن ته چنگچي ڊرائيور سميت ٻن زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

چنگچي رڪشا ڳوٺ ننگر خان بروهي کان شاگردن کي کڻي ڀان سيد آباد اسڪول ۾ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*