سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر جي فلاءِ اوورن ۽ پلن هيٺان حددخلين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران اينٽي انڪروچمينٽ جي ڊائريڪٽر کي طلب ڪري ورتو آهي

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر جي فلاءِ اوورن ۽ پلن هيٺان حددخلين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران اينٽي انڪروچمينٽ جي ڊائريڪٽر کي طلب ڪري ورتو آهي.

درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اينٽي انڪروچمينٽ جو ڊائريڪٽر اچي ٻڌائي ته حددخلين کي هٽائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڏ هاءِ ڪورٽ 2012 ۾ هر قسم جون حددخليون هٽائڻ لاءِ هدايت ڏئي چڪي آهي.

هن چيو ته بلوچ پل سميت شهر جي سڀني فلاءِ اوورز جي هيٺان حددخليون قائم آهن، عدالتي حڪم باوجود ڄاڻايل ادارن جي مدد سان حددخليون موجود آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ صرف فلاءِ اوورن هيٺان پارڪنگ ٺاهڻ جي هدايت ڪري چڪي آهي، حددخلين ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جا عملدار ملوث آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*