خيرپور پوليس ڪرپشن ۾ ملوث آهي صوبائي وزير منظور وساڻ

سنڌ اسيمبلي ۾ خيرپورضلعي جي پوليس آفيسرن جي بدلي واري معاملي تي فنڪشنل ليگ ميمبرن ۽ صوبائي وزير منظور وساڻ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، منطور وساڻ چيو آهي ته هو ڏوهارين جو حامي ناهي پر ڪارروائي سڀني ڏوهارين خلاف ٿيڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته خيرپور ۾ امن قائم ڪرائيندڙ ايس پي کي بدلي ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙا سياسي فيصلا نه ٿيڻ گهرجن.

نصرت سحر عباسي جي اهڙي بيان تي صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ فنڪشنل ليگ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

منظور وساڻ اجلاس اندر ۽ اجلاس کان ٻاهر ڳالهائيندي  چيو ته ايس پي مسعود بنگش کي هنن رکرايو هو، جنهن بابت کين خدشا آهن.

منظور وساڻ جوابدار رفيق وساڻ کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته هو ڏوهارين جوحامي ناهي پر ڪارروائي سڀني ڏوهارين خلاف ٿيڻ گهرجي.

صوبائي وزير چيو ته ناري تعلقي ۾ پ پ ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن ۽ مٿن زور ڀريو پيو وڃي ته فيصلو پير ڳوٺ درگاهه تي ڪرايو وڃي.

منظور وساڻ چيو ته خيرپور پوليس ڪرپشن ۾ ملوث آهي، خيرپور جي ٿاڻن جي زمين تي شاپنگ سينٽر ٺاهيا پيا وڃن ۽ هو اينٽي ڪرپشن جي وزير جي حيثيت سان ان جي جاچ ڪرائيندو.

هڪ  سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته ذوالفقار مرزا معاملي تي پارٽي ايڪشن وٺي ڇڏيو آهي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*