قومي ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو دنيا جي بهترين ٽي 20 ٽيم بڻجي وئي آهي

cricket team

قومي ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو دنيا جي بهترين ٽي 20 ٽيم بڻجي وئي آهي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 رينڪنگ۾پهرين پوزيشن ماڻي آهي، آءِ سي سي پاران جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب پاڪستان 124 پوائنٽس سان ٽي 20 ۾ پهرين پوزيشن ماڻي آهي.

سرفراز جي قيادت ۾قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي، سري لنڪا کي وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ قومي ٽيم پهريون ڀيرو دنيا جي بهترين ٽي 20 ٽيم بڻجي وئي آهي.آءِ سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ موجب پاڪستان 124 پوائنٽس سان ٽي 20 ۾ پهرين پوزيشن ماڻي آهي.ان کان پهريان نيوزي لينڊ 125 پوائنٽس سان پهرين پوزيشن تي هئي، پر پهرين ٽي 20 ۾ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ ڪي وي ٽيم پهرين پوزيشن تي برقرار نه رهي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*