سکر ۾ريلوي پوليس ڪوئيٽا کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس تي ڇاپو هڻي لکين روپين جون اسمگل ٿيل سگريٽ هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

sukkur police raid jaffer express

سکر ۾ريلوي پوليس ڪوئيٽا کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس تي ڇاپو هڻي لکين روپين جون اسمگل ٿيل سگريٽ هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ايس پي ريلوي ملڪ عتيق چيو ته پوليس ڪوئيٽا کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس ٽرين تي ڇاپو هڻي لکين روپين جون اسمگل ٿيل سگريٽ هٿ ڪيو آهي.

هن چيو ته ريلوي اسٽيشن تي بڪ ڪيل سامان چوري ڪندڙ 5 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڪريم الله، جمشيد، صواب گل، ڪشمير ۽ ميرعالم شامل آهن.

ايس پي ريلوي چيو ته گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق ڪي پي سان آهي، جوابدار مختلف ريلوي اسٽيشنن تان مسافرن جو سامان چوري ڪندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*