سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبرز پاران آدمشماري نتيجن تي احتجاج ڪيو ويو

Sindh-Assembly-29716

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبرز پاران آدمشماري نتيجن تي احتجاج ڪيو ويو، سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان آدمشماريءَ جا نتيجا رد ڪيون ٿا، آدمشماري اهم معاملو آهي، جنهن تي سنڌ جي ماڻهن کي خدشا آهن.

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي سينٽرل جيل کان سنڌ اسيمبلي پهچايو ويو.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر هير سوهو ڪراچي ۾ ڇرين سان عورتن تي وار ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته اصل جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، هو اڄ به آزاد آهن، جنهن وقت چاهن ٻيهر حملو ڪري سگهن ٿا.

هير سوهو چيو ته حڪومت رڳو رپورٽن تائين محدود آهي، عملي طور ڪجهه به ناهي ڪري سگهي، ڪراچيءَ ۾ عورتون اڄ به غيرمحفوظ آهن.

قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جواب ڏيندي چيو ته واقعن جي جاچ ڪري رهيا آهن، ڪميٽي پڻ جوڙي آهي، جلد ئي ڏوهاريءَ تائين پهچنداسين.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته نواز ليگ ۽ پ پ لاءِ نيب جو ٻٽو معيار آهي، اڃا تائين نواز ليگ جي ڪنهن به ماڻهو جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالتن ۾ پيش ٿيندڙ پ پ اڳواڻ جيلن ۾ بند آهن.

اجلاس ۾ آدمشماري معاملي تي فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي ڳالهائيندي چيو ته آدمشماري ۾ غير تسلي بخش نتيجا ٻڌايا ويا آهن، ان تي اتفاق نه ٿو ڪري سگهجي، ڪراچي جي سڀ کان گهٽ آبادي ٻڌائي وئي آهي، ان ڪري هن معاملي کي وفاقي حڪومت وٽ رکيو وڃي.

ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته آدمشماري هڪ اهم معاملو آهي، 19 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪئي وئي پر نتيجا غير تسلي بخش ٻڌايا ويا آهن، خاص ڪري سنڌ صوبي سان وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي رئوف صديقي چيو ته آدمشماري ۾ 80 لک ماڻهن کي ناهي ڳڻيو ويو، آدمشماري ۾ غلط نتيجا ڏئي حق ماريا پيا وڃن، اسان کي مايوس ٿيڻ بدران همٿ ۽ جدوجهد ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي

ايم ڪيو ايم ميمبر فيصل رفيق پاران واٽر بورڊ جي ڊپٽي ايم ڊي جي خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪئي وئي، جنهن جي ضياءُ الحسن لنجار مخالفت ڪري ڇڏي

قانون واري وزير چيو ته استحقاق واري رٿ قاعدن جي خلاف آهي، فيصل رفيق پنهنجي استحقاق واري تحريڪ واپس وٺي، جنهن کانپوءِ فيصل رفيق پنهنجي تحريڪ واپس وٺي ڇڏي.

اجلاس دوران قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ سول سرونٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو.

ضياءُ لنجار ڳالهائيندي چيو ته بل جي ذريعي معذورن جي ڪوٽا 2 سيڪڙو مان وڌائي 5 سيڪڙو ڪرڻ چاهيون ٿا، مون کي اميد آهي ته ان جي ڪو به مخالفت نه ڪندو.

سنڌ اسيمبليءَ سنڌ سول سرونٽ ترميمي بل 2017 اڪثريت سان منظور  ڪري ڇڏيو.

اجلاس دوران ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي آدمشماريءَ جا نتيجا قبول ناهن، اسان آدمشماريءَ جي حوالي سان سفارشون ڏنيون، جن تي ڪو عمل نه ڪيو ويو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري اهم مسئلو آهي، جنهن تي سنڌ جي ماڻهن کي خدشا آهن.

وڏي وزير چيو ته آدمشماري گهٽ ڏيکاري صوبي سان نا انصافي ڪئي وئي آهي، وفاق کي خط لکي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اسيمبليءَ جو اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*