جوهي ۾ ٽن يونين ڪائونسلن جي ڳوٺاڻن پيڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

johi villagers

جوهي ۾ ٽن يونين ڪائونسلن  جي ڳوٺاڻن پيڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

يونين ڪائونسل ڪمال خان، يونين ڪائونسل مراد آباد ۽ يونين ڪائونسل بهاولپور جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين حميد پنهور، علي اڪبر لُنڊ، محمد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  دانهيندي چيو ته  گذريل ڪيترن ئي  سالن کان روڊ رستا ٽُٽل آهن، جنهن جي ڪري ٽنهي يوسيز ۾ 60 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهياآهن.

هنن وڌيڪ چيو ته زرعي پاڻي نه هجڻ ڪري هو معاشي بدحالي جو شڪار بڻجي ويا آهن، جڏهن  ته پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ سبب هو گندو ۽ بدبُودار پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.

هنن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾هو اليڪشن دوران ووٽ ڏيڻ جو بائيڪاٽ ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*