بالي ووڊ جي نئين ايندڙ ڪاميڊي ايڪشن فلم هي برو جي ميوزڪ جي ڪاميابي تي فلم جي ٽيم پاران خوشي ۾ پارٽي منعقد ڪئي وئي

بالي ووڊ جي نئين ايندڙ ڪاميڊي ايڪشن فلم  ”هي برو“ جي ميوزڪ جي ڪاميابي تي فلم جي ٽيم پاران خوشي ۾ پارٽي منعقد ڪئي وئي.

”هي برو“ جي ميوزڪ نٽز اين سوني پاران ڏني وئي آهي، ممبئي ۾ فلم جي اداڪارن ۽ ٻي ٽيم پاران پارٽي ڪري خوشي ملهائي وئي.

ان موقعي تي فلم جي ڪوريوگرافر ۽ هيرو گڻيش اچاريا جو چوڻ هو ته فلم جي ميوزڪ هٽ ٿي آهي، جنهنڪري هو خوشي ملهائي رهيا آهن، هر ماڻهو ميوزڪ جي تعريف ڪري رهيو آهي.

پارٽي ۾ موجود سينيئر اداڪار پريم چوپڙا جو چوڻ هو ته ”هي برو“ منفرد ۽ مختلف فلم آهي ۽ اڄڪلهه اهڙي قسم جون فلمون ٺاهڻ گهرجن.

”هي برو“ جو ڊائريڪٽر اجي چنڊوڪ آهي، فلم ۾ گڻيش اچاريا پهريون ڀيرو هيرو طور نظر ايندو، ٻي ڪاسٽ ۾ منندر سنگهه، نوپور شرما، حنيف هلال شامل آهن، جڏهن ته ريٿڪ روشن، گووندا، اميتاڀ بچن ۽ اڪشي ڪمار به فلم م نظر ايندا، هي برو 27 فيبروري تي رليز ٿيندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*