نيب لاهور ايل ڊي اي کان حسن ۽ حسين نواز جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

hassan or hussain

نيب لاهور ايل ڊي اي کان حسن ۽ حسين نواز جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، نيب پنهنجي خط ۾ ٻنهي ڀائرن جي لاهور ۾ زمينن ۽ ملڪيت جا تفصيل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم جي ٻنهي پٽن جي غيرحاضري تي اشتهاري قرارڏيڻ ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ واري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب لاهور ايل ڊي اي کي خط لکي چيو آهي ته حسين ۽ حسن نواز جي لاهور ۾ ملڪيت جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

نيب لاهور جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي ٻنهي پٽن جا سڃاڻپ ڪارڊ به ڏنا وڃن.

ذريعن موجب، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سميت ٻين ادارن کي به ملڪيت جا تفصيل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*