اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا اثاثا منجمند ڪرڻ بابت نيب فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Ishaq-Dar-21117

اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق  ڊار جا اثاثا منجمند ڪرڻ بابت نيب فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته خرچن جي مد ۾ ماهوار 6 لک رپيا ڏيڻ واري اسحاق ڊار جي استدعا رد ڪئي وئي آهي.

اسحاق ڊار جي وڪيل اثاثا منجمند ڪرڻ خلاف احستاب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار جي وڪيل عائش حامد دليل ڏيندي چيو ته هجويري هولڊنگ بئنڪ اڪائونٽ ۾ رڳو 232رپيا موجود آهن ۽ ٻئي اڪائونٽ ۾ رڳو 10 رپيا موجود آهن.

نيب پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسحاق ڊار جا اي جي پي آر کانسواءِ ٻيا سڀ اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد اسحاق  ڊار جا اثاثا منجمند ڪرڻ بابت نيب فيصلي جي منظوري ڏني، جڏهن ته خرچن جي مد ۾ ماهوار 6 لک رپيا ڏيڻ واري اسحاق ڊار جي استدعا رد ڪئي وئي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*