سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڀني ادارن کي قانون ۽ آئين موجب ڪم ڪرڻو پوندو

mariyam oranzaib

سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڀني ادارن کي قانون ۽ آئين موجب ڪم ڪرڻو پوندو، ووٽ جو تقدس بحال ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، عمران خان گهر کان ٻاهر نڪران بدران ٽوئٽ ڪري ٿو، هو عوام کي منهن ڏئي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته چوري آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سڀني ادارن کي قانون ۽ آئين موجب ڪم ڪرڻو پونود.

هن چيو ته تاثر ڏنو ويو هو ته نواز شريف عدالت کان فرار ٿي رهيو آهي، پر هوواپس اچي منهن ڏئي رهيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي عدالتن کان فرار ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.

هن چيو ته عمران خان عوام کي منهن نه ڏئي سگهندو ڇو جو هو چور آهي.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته عوامي جي ووٽ جو تقدس بحال ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي .

مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف چيو هو ته هو احتساب جي عمل جي شروعات ڪندو .

ان موقعي تي طلال چوڌري چيو ته عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪيرليڊر آهي، ڪير نه،.

طلال چوڌري چيو ته ڪنهن کي نوازشريف جي سيڪيورٽي تي اعتراض هجن ته ڀلي هجن، نوازشريف پاڪستان جو ليڊر هو ۽ ليڊر رهندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*