جيڪب آباد ويجهو ايران ويندڙ زائرين جي 11 ڪوچن کي سنڌ بلوچستان بارڊر وٽ پوليس سڪيورٽي سبب ڄاڻائي روڪي ڇڏيو

jacobabad shia zarian

جيڪب آباد ويجهو ايران ويندڙ  زائرين جي 11 ڪوچن کي سنڌ بلوچستان بارڊر وٽ پوليس سڪيورٽي سبب ڄاڻائي روڪي ڇڏيو، زائرين  گاڏيون روڪڻ خلاف ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

بلوچستان پوليس سڪيورٽي جو سبب ڄاڻائي ايران ويندڙ زائرين جون 11 گاڏيون بيهاري ڇڏيو آهن، جنهن ۾ سوين مرد ۽ عورتون شامل آهن..

پوليس عملدارن چيو ته ڪوئيٽا مان ڪليئرنس ملڻ بعد زائرين جون گاڏيون اڳتي روانيون ڪيون وينديون.

زائرين گاڏيون روڪڻ خلاف احتجاج ڪندي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

زائرين چيو ته ايف سي ۽ پوليس جي هوندي سڪيورٽي جو بهانو بڻائي اسان کي روڪڻ وارو عمل غلط آهي.

زائرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي سڪيورٽي فراهم ڪري ايراني بارڊر تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*