پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي، اي او بي آءِ جي 2008 ع کان 2013 ع جي رڪارڊ جي ڪاپي نه ملڻ تي خورشيد شاهه پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو،
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي،پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته 11 ارب رپين جو منصوبو 28 ارب رپين تائين ڪنهن پهچايو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي عارف علوي چيو ته واپڊ بئنڪ ۾ پئسا خدا واسطي نه رکيا هوندا، واپڊا ڪو ته فائدو ڏٺو هوندو، اجلاس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي اي او بي آءِ جي2008ع کان 2013ع جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ان عرصي ۾16 مان 9 منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ بريفنگ بابت ڪاپي نه ملڻ تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين خورشيد شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيئرمين اي او بي آءِ کان 15 منٽن ۾ ڪاپي طلب ڪري ورتي.