هالي ووڊ اسپيس ايڊونچر فلم انٽر سيٽلر بگ هيرو 6 کي مات ڏئي ڇڏي

هالي ووڊ اسپيس ايڊوينچر فلم ‘‘انٽرسيٽلر’’ انيميٽيڊ فلم ‘‘بـگ هيـرو 6’’ کي مات ڏئي آمريڪي باڪس آفيس تي ڪاميابي ماڻي ورتي، فلم نٽرسيٽلر رليز جي پهرين هفتي 5 ڪروڙ 20لک ڊالز جي بزنس سان آمريڪي باڪس آفيس تي ٽاپ پوزيشن تي برقرار آهي.

هالي ووڊ اسٽار ميٿيو مڪوني جي ايڊوينچر فلم انٽرسيٽلر رليز جي ٽن ڏينهن دوران 5 ڪروڙ 20لک ڊالرز جو رڪارڊ بزنس ڪندي هالي ووڊ انيمٽيڊ فلم بـيگ هـيرو 6 جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

والٽ ڊني ڪمپني جي انيمٽيڊ فلم بگ هيرو 6 هڪ هفتي دوران 50 ڪروڙ 20 لک ڊالز جو بزنس ڪيو، جنهن کي فلم انٽرسيٽلر رڳو ٽن ڏينهن ۾ پوئيتي ڌڪي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*