پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان چيف سليڪٽر معين خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر معين خان کان جوا جي اڏن تي چڪر هڻڻ وارين خبرن کانپوءِ کانئس وضاحت طلب ڪندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي آٿت ڏني آهي ته اهي پريشان نه ٿين، بورڊ ساڻن گڏ آهي، مصباح الحق چيو آهي ته هو سٺي ڪارڪردگي سان ٿيندڙ تنقيد کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريندا، معين خان چيو آهي ته بورڊ جي هدايت کانپوءِ رانديگرن تي نظر رکڻ لاءِ هو جوا جي اڏي تي ويو هو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي عالمي ڪپ جي دنگل ۾ مايوس ڪن ڪارڪردگي کانپوءِ نيٺ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون به اکيون کلي ويون آهن ۽ پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر معين خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

شوڪاز نوٽيس ۾ معين خان کان پڇيو ويو آهي ته سندس جوا جي اڏن تي چڪر هڻڻ وارين خبرن ۾ ڪيتري صداقت آهي ۽ جيڪڏهن هن اهي لامارا ڏنا آهن ته هو انهن جي وضاحت ڪري.

پي سي بي جي چيئرمين نه رڳو معين خان کان وضاحت طلب ڪئي آهي پر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ۽ ڪوچ وقار يونس سان رابطو ڪري کين آٿت ڏني آهي ته هو دل سان ڪرڪيٽ کيڏن ۽ مايوسي جو شڪار نه ٿين، بورڊ ساڻن گڏ آهي.

پي سي بي چيئرمين شهريار خان سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته ڪيرئر دوران ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون آهن، جن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي، ٽيم تي تنقيد کي غلط ثابت ڪري ڏيکارينداسين.

معين خان تصديق ڪئي آهي ته پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان ساڻس رابطو ڪيو آهي ۽ کانئس جوا جي اڏي تي وڃڻ بابت پڇا ڪئي آهي، کيس ڪو به نوٽيس جاري نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته هو پي سي بي جي هدايت تي ئي جوا جي اڏي تي ويو هو ته جيئن رانديگرن تي نظر رکي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*