پاڪستان ٻارڙن لاءِ خطرناڪ بڻجندو پيو وڃي، انساني حقن واري وزارت جي رپورٽ موجب 6 مهينن دوران ملڪ ۾ ٻارڙن سان زيادتي جا 17 سئو کان وڌيڪ واقعا پيش آيا آهن

national assembly

پاڪستان ٻارڙن لاءِ خطرناڪ بڻجندو پيو وڃي، انساني حقن واري وزارت جي رپورٽ موجب 6 مهينن دوران ملڪ ۾ ٻارڙن سان زيادتي جا 17 سئو کان وڌيڪ واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.

اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران انساني حقن واري وزارت طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻارڙن سان زيادتي واري شرح  بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو.

انساني حقن واري وزارت موجب جنوري 2017 کان جون 2017 تائين 6 مهينن دوران سڄي ملڪ ۾ 1764 ٻارڙن سان زيادتي جا واقعا پيش آيا، سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب ۾ پيش آيا، جتي هڪ هزار 89 ٻار زيادتي جو نشانو ٿيا.

6 مهينن دوران سنڌ ۾ 490 زيادتين جا واقعا پيش ٿيا آهن، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 45، بلوچستان ۾ 76، ڪي پي ڪي ۾ 42 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 زيادتي جا واقعا پيش آيا.

وزارت موجب نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تحت قائم ڪيل سينيٽر متاثر ۽ خطري هيٺ آيل ٻارن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير خراب پاڻي استعمال ڪرڻ بابت لکت ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ 64 سيڪڙو پاڪستانين کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسف جي رپورٽ موجب 36 پاڪستاني پيئڻ جو صاف پاڻي استعمال ڪن ٿا، 41 سيڪڙو شهري ۽ 32 سيڪڙو ٻهراڙين جي آبادي صاف پاڻي پيئي ٿي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ پاران گڏ ڪيل پاڻي جي نمونن مان 69 کان 85 سيڪڙو نمونا گدلا نڪتا، 18 هين ترميم کانپوءِ پيئڻ جو صاف پاڻي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ واٽر ڪوالٽي مانيٽرنگ ليبارٽريون قائم ڪيون آهن.

جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 41 سيڪڙو شهري ۽ 32 سيڪڙو ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي..

اجلاس دوران نواب يوسف ٽالپر چيو ته پيپلز پارٽي طرفان 91 معاهدي ۾ گرائونڊ واٽر کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ايئن نه ٿيڻ گهرجي جو هڪ صوبي ۾ کوٽ هجي ۽ ٻئي صوبي ۾ نه هجي، سنڌ جي پاڻي جو حصو وڌائڻو پوندو.

ان موقعي تي بلوچستان ۾ عورتن کي کنڀڻ تي نواز ليگ جي ميمبر تهمينا دولتانا سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آهي، عورتن کي گرفتار ڪرڻ وارو عمل برداشت نه ڪبو.

هن چيو ته نواز شريف سان زيادتي ٿي رهي آهي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڊرامو آهي، جيڪو جلد ختم ٿي ويندو ۽ اڳ جيان جمهوريت لاءِ اتحاد ٺاهيو ويو هو، هاڻ به ٺاهڻ گهرجي.

اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور قومي اسيمبلي واڪ آئوٽ ڪندي چيو ته کين ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي.

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ڌيءُ دينا واڊيا جي لاڏاڻي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر عبدالحڪيم بلوچ کي عبدالڪريم بلوچ جي نالي سڏ ڪيو، جنهن تي عبدالحڪيم بلوچ جواب ڏيندي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر صاحب، اوهان هاڻ اسان جو نالو به وساري ڇڏيو آهي، اها اميد نه هئي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر جواب ڏنو ته اوهان به ته اسان کان پري هليا ويا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*