نوابشاهه پي ايم يو اسپتال ۾ ٻن ڏينهن کان داخل ڳورهاري عورت واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو

nawabshah orat

نوابشاهه پي ايم يو اسپتال ۾ ٻن ڏينهن کان داخل ڳورهاري عورت واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو.

پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه جي گائني وارڊ جي ليبر روم ۾ 24 ورهين جي آسيه مسيح جيڪا ٻن ڏينهن کان ويم لاءِ داخل هئي ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جي ڪري آسيه مسيح ضرورت حاجت لاءِ واشروم ۾ وئي ته هن جي ٻار جو جنم ٿي ويو ۽ عورت جي رڙين تي وارڊ جي نرسن ۽ ماسين دروازي کي ڀڃي عورت کي ٻاهر ڪڍيو ويو.

جڏهن ته اسپتال جي سيوپر مئل حالت ۾ ٻارڙو ڪموڊ مان کڻي آيو.

ان موقعي تي آسيه مسيح چيو ته هو بار بار ڊاڪٽرياڻين کي چوندي رهي ته مونکي سور آهن، منهنجو ويم ڪرايو، پر ڊاڪٽرياڻين هڪ به نه ٻڌي.

ٻئي طرف ليبر روم جي ڊاڪٽرياڻين آسيه مسيح جو فائل به گم ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد رابطي لاءِ ايم ايس کي فون ڪئي وئي ته ايم ايس ڪال اٽينڊ به نه ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*