سينيٽ جي اجلاس ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لٽريچر ۽ نصاب کي هٿي ڏيارڻ تي زور ڀريو ويو آهي

senate

سينيٽ جي اجلاس ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لٽريچر ۽ نصاب کي هٿي ڏيارڻ تي زور ڀريو ويو آهي، چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته موجوده دور ۾ رياستي ادارن جي دائري تي بحث ضروري آهي، ادارا آئين تحت ڪم ڪن، رياستي ادارن تي بحث ڪرڻ جو ڪو نتيجو به ڪڍڻو پوندو.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا ربانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران قائداعظم جي ڌيءُ دينا واڊيا جي لاڏاڻي تي سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي،

چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته موجوده دور ۾ رياستي ادارن جي دائري تي بحث ضروري آهي، ادارا آئين تحت ڪم ڪن،

سينيٽ چيئرمين چيو ته رياستي ادارن تي بحث ڪرڻ جو ڪو نتيجو به ڪڍڻو پوندو، سينيٽ اهو پهريون ادارو آهي جنهن اخلاقن واري ڪميٽي قائم ڪئي.

چيئرمين رضا رباني چيو ته پارليامينٽ کي رستو ڏيکارڻو پوندو ۽ سينيٽ اهو رستو ضرور ڏيکاريندي.

سينيٽ جي اجلاس ۾ انتهاپسندي لٽريچر جي روڪ ٿام لاءِ شروع ٿيل بحث ۾ حصو وٺندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته اسان پنهنجي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

فرحت الله بابر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ڊائري ۾ آمريڪي دور ۾ ڦير ڦار ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو صدارتي نظام جو حامي هو.

هن چيو ته سنڌ بابت غلط تاريخ پڙهائي پئي وڃي ته اتي اسلام محمد بن قاسم کان پوءِ آيو هو.

فرحت الله بابر چيو ته جيستائين اسان صحيح تاريخ پنهنجي ٻارڙن کي نه پڙهائينداسين، تيستائين حالتون بهتر نه ٿينديون.

ان موقعي تي پرويز رشيد چيو ته ملڪ کي فلاحي رياست بدران جنگي رياست بڻائڻ جا بنياد وڌا ويا آهن.

پرويز رشيد چيو ته روس سميت مختلف ملڪن جي جنگ اسان جي سرزمين تي وڙهي وئي، جنهن جو نقصان به ٿيو.

هن چيو ته اسان تيستائين ترقي نٿا ڪري سگهون، جيتسائين جديد تعليم نظام نٿا لاڳو ڪري سگهون.

سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ لٽريچر فيسٽيول ٿي رهيا آهن، ٻيا صوبا به اهڙيون ڪوششون ڪن.

سسئي پليجو چيو ته عام نصاب کان سواءِ شاگردن کي ٻيا ڪتاب به پڙهائڻ گهرجن ۽  اسان کي ڪلچر کي به هٿي وٺرائڻي پوندي، جنهن سان ئي انتهاپسندي جو خاتمو ايندو.

جي يو آءِ سينيٽر عطاءُ الحق چيو ته انتهاپسندي جو الزام مدرسن تي هڻڻ  زيادتي آهي، پنجاب جي گورنر کي گولي مدرسي جي شاگرد نه هئي هئي.

اجلاس دوران پي آءِ طرفان معطل ٿيل بين الاقوامي هوائي رستن بابت تفصيل پيش ڪيا ويا.

هوائي رستن بابت انچارج رپورٽ پيش ڪندي چيو ته پنجن سالن دوران ست بين الاقوامي رستن تي اڏامون معطل آهن.

رپورٽ ۾  چيو ويو ته پاڪستان کان هانگ ڪانگ جي اڏام 2013 کان معطل آهي، جڏهن ته ڪراچي کان کٽمنڊو جي اڏام 2014 کان مطعل آهي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني اجلاس کي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*