سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران وقتي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ايم پي اي نصرت سحر عباسيءَ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران وقتي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ايم پي اي نصرت سحر عباسيءَ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، نصرت سحر عباسي پاران ڳالهائڻ لاءِ گهٽ وقت ڏيڻ جي شڪايت تي شهلا رضا نصرت سحر عباسيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ قرار ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس روايت مطابق اڄ به 2 ڪلاڪ دير سان وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، وقتي اسپيڪر پاران بار بار هدايتن جي باوجود اسيمبلي ميمبرن جي حاضري گهٽ رهي.

اجلاس شروع ٿيندي ئي قائد اعظم جي ڌيءُ دينا واڊيا ۽ قائد اعظم جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته شرجيل ميمڻ ۽ ٻين کي ڪرپشن ڪيس ۾ جيل موڪليندڙ سڌ سماءِ جي ڊائريڪٽر زينت جهان جي تحفظ لاءِبه دعا گهري وئي.

اجلاس دوران ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته فيڪٽريءَ ۾ ملازمن سان تمام گهڻيون نا انصافيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته فيڪٽري مالڪن خلاف ڪارروايون به جاري آهن.

ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن، حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ اجورو 15 هزار رپيا مقرر ٿيل آهي، جنهن بابت فيڪٽري مالڪن کي واضح هدايتون پڻ ڏنل آهن.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمعته المبارڪ جي نماز جي وقفي لاءِ خرم شير زمان ڊپٽي اسپيڪر کي درخواست ڏني.

شهلا رضا نماز جي وقفي جي درخواست رد ڪندي چيو ته پهريان ئي اجلاس دير سان شروع ٿيو آهي، جنهن کي نماز پڙهڻي آهي، اهو پڙهي اچي.

اجلاس دوران ف ليگ جي ميمبر ايم پي اي نصرت سحر عباسي وقتي اسپيڪر کان ڳالهائڻ جي اجازت گهري، اجازت نه ملڻ تي نصرت سحر عباسي ۽ ڊپٽي اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.

نصرت سحر عباسي چيو ته اسان کي ڳالهائڻ نه ٿو ڏنو وڃي، جڏهن ڳالهايون ٿا ته مائيڪ بند ڪئي وڃي ٿي.

شهلا رضا جواب ڏيندي چيو ته توهان رڪارڊ چيڪ ڪري ڏسو سڀ کان گهڻو توهان ئي ڳالهائيندا آهيو.

وقتي اسپيڪر شهلا رضا ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ قرار ڏئي کيس چپ ڪرائي ڇڏيو.

وقتي اسپيڪر شهلا رضا اسيمبليءَ جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*