خيرپور جي ڊي سي پوليو مهم دوران لاپرواهي ڪرڻ جي الزامن هيٺ ٽنڊومستي جي تپيدار کي معطل ڪري ڇڏيو آهي

khair pur polio

خيرپور جي ڊي سي پوليو مهم دوران لاپرواهي ڪرڻ جي الزامن هيٺ ٽنڊومستي جي تپيدار کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

    ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو، ايس ايس پي غلام اظفر مهيسر سان گڏ ڳوٺ لعل بخش منگي پهچي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بابت ڄاڻ ورتي.

       ڳوٺاڻن پاران ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ جي شڪايت تي ڊي سي ٽنڊومستي جي تپيدار عبدالحميد سولنگي کان پڇا ڪئي، خاطر خواهه جواب نه ڏيڻ تي ڊي سي کيس معطل ڪري ڇڏيو.

   ڊي سي محمد نواز سوهو چيو ته پوليو مهم دوران لاپرواهي ڪندڙ ڪنهن به ملازم کي معاف نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*