پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب وفاقي سرڪار4 هزار 205 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس ۽ 4 نيو ڪليئر پاور پلانٽس بند ڪرائي ڇڏيا
پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب وفاقي سرڪار4 هزار 205 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس ۽ 4 نيو ڪليئر پاور پلانٽس بند ڪرائي ڇڏيا، پاور ڊويزن چيو آهي ته ڄامشورو، ڪيپڪو، مظفر ڳڙهه، لبرٽي، حبڪو، نارووال ۽ اٽلس پاور پلانٽس بند ڪرايا ويا آهن..
پاور ڊويزن پنهنجي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب 4 هزار 205 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس ۽ 4 نيو ڪليئر پاور پلانٽس بند ڪرايا ويا آهن.
پار ڊويزن جي پڌرنامي موجب، ڪوهيڙي سبب ڄامشورو، ڪيپڪو، مظفر ڳڙهه، لبرٽي، حبڪو، نارووال ۽ اٽلس پاور پلانٽس بند ڪرائي ويا.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پن بجلي جي پيدوار 7 هزار هوندي آهي، جنهن جي مقابلي ۾ هاڻ 2700 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.
پاور ڊويزن چيو آهي ته چئني نيوڪليئرس پاور پلانٽس جي بحالي 72 ڪلاڪن اندر ٿيڻ جو امڪان آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي هدايت تي 1200 ميگاواٽ پاور پلانٽس بند ڪيا ويا، جن ۾ چشمه ون، ٽو، ٿري ۽ فور شامل آهن.
پڌرنامي موجب، 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ڄامشورو پلانٽ ۽ 700 ميگاواٽ جو ڪيپڪو پاور پلانٽ بند ڪيو ويو آهي.
پاور ڊويزن موجب، هڪ هزار ميگاواٽ پيدا ڪندڙ مظفر ڳڙهه پاور پلانٽ به بند ڪيو ويو آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاور پلانٽس ۾ 950 ميگاواٽ جو حبڪو پاور پلانٽ شامل آهي.
پاور ڊويزن جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مهانگي تيل تي بجلي پيدا ڪندر چار هزار 250 ميگاواٽ جا 4 پلانٽ به بند ڪيا ويا آهن………