تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف انقلاب نه پر فساد چاهي ٿو

fawad chodhary

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف انقلاب نه پر فساد چاهي ٿو، قوم کي لٽڻ کانپوءِ نواز شريف انقلاب جا خواب ڏسي رهيو آهي، سندس ڪوشش آهي ته ڪهڙي به ريت ڪيسن تي ڪارروائي روڪي وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪنهن به طريقي سان ڪيسن تي ڪارروائي روڪي وڃي.

هن چيو ته ملڪ جو عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته نواز شريف انقلاب نه پر فساد چاهي ٿو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ميان صاحب احتساب کان بچڻ لاءِ ادارن تي الزام لڳائي رهيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته ملڪ جو عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته مريم نواز جي اڪائونٽ ۾ 88ڪروڙ رپيا جمع ڪرائڻ ڪنهن جي سازش آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*