آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي

army cheif kamar bajwa

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت به ڳالهيون ڪيون ويون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*