بدين ۾ پاڪستان فٽبال فيدريشن تي فيفا پارن لاڳو ڪيل پابندي خلاف رانديگرن احتجاجي مظاهرو ڪيو

badin football

 بدين ۾ پاڪستان فٽبال فيدريشن تي فيفا پارن لاڳو ڪيل پابندي خلاف رانديگرن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئشن بدين  جي اڳواڻن قاسم خاصخيلي، يار محمد خاصخيلي، محمد ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته فيفا طرفان پاڪستان فٽبال فيدريشن تي لاڳو ڪيل پابندي نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان فٽبال فيدريشن تي لاڳو ڪيل پابندي فوري طور تي ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*