سنڌ بلوچستان بارڊر وٽ سيڪيورٽي خدشا ڄاڻي روڪيل زائرين کي ٽرينن ذريعي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو آهي

 zairiyan quetta

  سنڌ بلوچستان بارڊر وٽ سيڪيورٽي خدشا ڄاڻي روڪيل زائرين کي ٽرينن ذريعي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو آهي، ايران ويندڙ زائرين کي مختلف ٽرينن ذريعي سخت حفاظتي انتظامن هيٺ ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو.

جيڪب آباد لڳ سنڌ بلوچستان بارڊ وٽ سيڪيورٽي خدشا ڄاڻي روڪيل زائرين کي ٽرينن ذريعي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ شهداءِ ڪربلا جي چاليهي ۾شرڪت لاءِ ويندڙ زائرين کي بلوچستان حڪومت پاران سيڪيورٽي خدشا ڄاڻائي سم شاخ وٽ روڪيو ويو هو.

زائرين ٻن ڏينهن تائين سنڌ بلوچستان بارڊر تي ڌرڻو هنيو هو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي هئي جنهن بعد  زائرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ويو .

رات جو زائرين کي مختلف امام بارگاهن ۾ترسائي، صبح جو کين مختلف ٽرينن ذريعي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو. زائرين ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو وڏو تعداد شامل آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*