سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه به ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي

raza rabani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه به ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي، آئين سڀني کان مٿانهون آهي، جنهن تي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو، ارڙهين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا وفاق تي اثر پوندا.

ڪراچيءَ ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ۾ سيمينيار کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته غير آئيني عمل جو ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي آهي،  غير آئيني عملن جي ڪري 18هين ترميم تي به عملدرآمد نا ممڪن ٿي ويندو.

هن چيو ته اڄ ڪلهه ٽينڪو ڪريٽ حڪومت جا افواهه هلي رهيا آهن، هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته پارليامينٽ سپريم آهي يا ڪو ٻيو.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهڻو هوندو، پرويز مشرف جي دور ۾ صوبن مان اين ايف سي جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪري وفاق جو حصو وڌايو ويو هو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪجهه به بهتر نه ٿي رهيو آهي، اسان کي بهتري آڻڻ لاءِ پاڻ ئي قدم کڻڻا پوندا.

ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته اسٽيبلشمينٽ 18 هين ترميم کانپوءِ مليل حق ڇنڻ چاهي ٿي، عرب ڪلچر غير اسلامي آهي جيڪو پاڪستان ۾ متعارف نه ٿو ڪرائي سگهجي.

سندس چوڻ هو ته قائد اعظم محمد علي جناح جا 14 نقطا صوبائي خودمختياري تي آهن، پر پرويز مشرف جي دور ۾ صوبائي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي، اسٽيبلشمينٽ 18 هين ترميم ذريعي ملندڙ حق کسڻ چاهي ٿي.

رضا رباني چيو ته 1947ع کان 2012ع تائين تعليم ۽ نصاب وفاق حوالي هو پر 18 هين ترميم کانپوءِ اهي اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*